اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳ??پن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ نئين افق ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي دورن جي مسلسل مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران وزي??اع??م جي قطر جي دوري جي حوالي سان جاري گڏيل پڌرنامي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان اميري ديوان، دوحه ۾ ملاقات ڪئي جتي قطر جي امير وزي??اع??م ۽ ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو استقبال ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف شاندار استقبال ۽ فراخدلاڻي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا، ٻطرفن لاڳ??پن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون کي فروغ ڏين جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م مختلف شعبن ۾ پاڪستان کي قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزي??اع??م پاڪستان ۾ اهم اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار تي خصوصي زور ڏنو ويو ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين سيڙپڪاري جي گذريل وچنن جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مختلف اهم موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي امير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳ??پن جي اهميت ۽ اقتصادي حصيداري، واپاري مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ٻنهي ڌرين جي خواهش جو اظهار ڪيو. قطر جي وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير عزت مآب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني پڻ پاڪستان جي وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي ۾ تعاون جي لاءِ قطر جي ڪردار تي ٿورا مڃيا، قطر ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي هڪ وڏي انگ جي موجودگي کي ساراهيو جيڪا ٻنهي ملڪن کي ڳنڍڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. قطر جي وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ پاڪستان جي اهميت جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي تڪميل جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳ??پن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ قطري ڌر جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان جي وزي??اع???? خطي ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قطر جي سفارتي ڪوششن ۽ انساني بنيادن تي قدمن کي ساراهيو، خاص طور تي فلسطين مسئلي جي حوالي سان ثالث جي طور تي قطر جي ڪردار ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل افهام تفهيم، تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا کي جاري رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. دوري دوران قطر جي امير ۽ وزي??اع??م محمد شهباز شريف قطر جي عجائب گهر جي اهتمام هيٺ نمائش ”منظر: پاڪستان ۾ آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر 1940ع کان هيستائين“ جو دورو ڪيو.