اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۽ بنون ضلعي ۾ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي ??ڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درازنده ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ بنون ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي ??ڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ??وري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.