اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام جي چيئرپرسن سيني??ر روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا اي ستار سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي ۽ پاپوليشن ڪائونسل جي گڏيل سهڪار سان بينظير نشو و نما پروگ??ام ذريعي عورتن جي صحت، ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي ۽ تازن ڄاول ٻارن جي بهتر واڌ ويجهه جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائندي س??ني??ر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي ٻارن جي غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بينظير نشو و نما پروگ??ام تحت ڳورهارين عورتن، کير پياريندڙ مائرن ۽ ان ج?? 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ۽ مشروط مالي معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت مند ٻارن جي پيدائش کي يقيني بنائڻ لاءِ مائرن جو صحتمند هجڻ تمام ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن طرفان عورتن جي توليدي صحت، ٻارن جي پيدائڻ ۾ مناسب وقفي ۽ نون ڄاول ٻارن جي سار سنڀال کي بهتر بنائڻ بابت قدمن لاءِ صوبائي سطح تي صحت کاتي جي اعل??ٰ اختيارين سان مشاورت جي اهميت تي زور ڀريو.