اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن کان پوءِ شنگهائي سه??ار تنظيم جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سه??ار کي وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزيراعظم 11 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کان اڳ چين جي وزيراعظم 2013ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، ا??تص??دي سه??ار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ا??تص??دي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي واپاري لاڳاپن کي اڃا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻنهي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سه??ار وڌائڻ جا معاهدا پڻ متوقع آهن، جيڪي عوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزيراعظم جو اهو دورو بنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.