اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف 22 سالن جي عمر ۾ 8 هزار ميٽر ڊگهيون دنيا جو 14 چوٽيون سر ڪندڙ گهٽ عمر وارو پاڪستاني بڻجي ويو آه??. ننڍي عمر واري پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف هڪ ٻيو يادگار ڪارنامو س??ان??ام ڏيندي دنيا جون 8 هزار ميٽر ڊگهيون سموريون 14 چوٽيون سر ڪرڻ جو سفر مڪمل ڪري قومي جهنڊو هڪ دفعو ٻيهر بلند ڪيو آه??. هن 8 هزار 27 ميٽر بلند شيشا پنگما چوٽي سر ڪري ورتي. شهروز پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آه??. شهروز ڪاشف سرباز خان کانپوءِ ٻيو پاڪستاني آه?? جنهن سموريون 14 بلند ترين چوٽيون سر ڪيون آه??. سرباز گذريل هفتي شيشا پنگما سر ڪري اهو ڪارنامو س??ان??ام ڏيندڙ پهريون پاڪستاني مانيٽنئر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.