ڪوئيٽا-07 آ??ٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وزير اعليٰ ميرسرفراز بگٽي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ (ايڪس) تي جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته ڪراچي ۾ پيش آيل ان افسوسناڪ واقعي تي غمگين ??ھيان. جنھن ??ي نتيجي ۾ ٻه چيني شھري فوت ٿيا ۽ ھڪ زخمي ٿيو آهي، منھنجي دلي تعزي?? چيني قيادت، چين ??ي عوام ۽ متاثرن جي خاندانن سان گڏ آھي. اسان ان وحشي فعل جي شديد مذمت ڪيون ٿا ۽ پنھنجي چيني دوستن کي يقين ڏياريون ٿا ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان پنھنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي تح??ظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پر عزم آھي.