اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذ??يل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس گذ??يل ر??ت ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آهي. اسان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي ??اندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي ??لد صحتيابي جي ??ه دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا ??شم?? آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جاچ جاري آهي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي ??حفظ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان انهن جي ??لامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.