اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسر??ئي?? جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالمي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪي?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته لبنان جي خلاف جاري فوجي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ان خطرناڪ اضافي اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏي?? آهي، پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسر??ئي??ي قابض فوج غزه ۾ اٽڪل هڪ سال کان منظم نسل ڪشيءَ جي مهم ۾ ملوث ۽ عالمي قانساني قانون جي سنگين خلاف ورزين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي اسر??ئي?? 88 فلسطينين جي ڳڙيل سڙيل لاشن جو هڪ ڪنٽينر غزه موڪليو جنهن ۾ متاثرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي موت جي وقت ۽ سبب بابت ڪا معلومات نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته اهو ناقابل معافي وحشياڻو فعل عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي آهي، مرندڙن جا نالا ۽ جنس لڪائي اسر??ئي??ي قابض فوج متاثرين کي انهن جي تڪريم کان مح??وم ڪيو ۽ انهن جي گهرڀاتين جي مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏي?? آهي. هن چيو ته خاندان کي پنهنجي پيارن کي عزت سان دفن ڪرڻ جي حق کان مح??وم نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسر??ئي?? کي گهرجي ته هو مقتولين جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ۽ انهن جي پونئيرن کي ميتن جي باوقار واپسي کي يقيني بڻائي هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسر??ئي?? کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.