اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊي??يٽ?? ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي آهي. ??ال??ه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ايڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منصوبي جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب مريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد مع??دل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپ??ال?? ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي ي??ين?? بڻائي رهيا آهيون، سرڪاري اسپ??ال?? جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.