راولپنڊي -28 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ نمايان صلاحيت رکي ٿو ۽ سڀني کي ملڪ جي روشن مستقبل تي اڻ کٽ اعتماد هئڻ گهرجي. انهن خيالن جو ??ظهار هن ڪر??چي ڪور جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته بي پناهه وسيلن ۽ صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو مقدر آهي ته هو دنيا ۾ پنهنجو ??حيح مقام حاصل ڪري. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق دوري دوران کيس فوج طرفان آپريشنل تيارين ۽ اهم تربيتي ??دم?? جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف انوويسٽا انڊس آءِ ٽي پارڪ جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خاص طور مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ اڪيڊمي ۽ انڊسٽري جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سول ڪميونٽي جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. آرمي چيف چيو ته اهڙي طرح جي منصوبن جو مقصد ملڪ ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي جي??و پهرين کان ئي تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. هن ڪر??چي جي بزنس ڪميونٽي سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ ڪاروباري برادري ۽ واپارين جي سهڪار کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن اعتماد جو ??ظهار ڪيو ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي هاڪاري معاشي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪا وڌيڪ اقتصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. آرمي چيف سمورن ??دم?? جي حمايت ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته معاشري ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪندڙن کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي اجتماعي ڪوششن سان شڪست ٿي آهي. هن برادر ۽ دوست ملڪن خاص ڪري چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات طرفان پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. ان کان پهرين آرمي چيف جي اچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪر??چي سندس استقبال ڪيو.