اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ ج?? وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق ۽ صوبي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي ??ي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ ج?? وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي سنڌ ج?? ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. سنڌ ج?? وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري ت??ان??ئي ??ي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻوله?? ڪئي وئي.