اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌ??ڪ مضبوط ٿيندا، پاڪست??ن پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪي??. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاوت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته پاڪست??ن پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪست??ن پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪي?? ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌ??ڪ مضبوط ٿيندا. پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين کي ساراهيو. پاڪست??ن پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪي?? جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.