اسلام آباد- 20 آگسٽ (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيلسٽڪ ميزائيل شاهين II جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج، س??ئنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏيندي چيو ??هي ته شاهين II جي ڪامياب تجربي سان ملڪ جي دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ??ه پوري قوم کي باصلاحيت سائنسدانن ۽ انجنيئرن تي فخر آهي، شاهين II ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪ فوج، س??ئنسدانن ۽ انجنيئرن جي محنت جو نتيجو آهي. هن چيو ??ه دفاعي ادارن، باصلاحيت سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ملڪي دفاعي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.