اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزي?? محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عراقي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچ?? ۾ ??راقي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزي?? محسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير پنهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزي?? محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزي?? محسن نقوي زائرين جي سهولت ??اءِ قدمن تي عراقي گهرو وزير ۽ عراقي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ??لندي. عراقي سفير چيو ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عراقي سفير عراق جي گهرو وزير طرفان گهرو وزي?? محسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزي?? محسن نقوي فوري طور تي ا??وي ا??شن واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي ا??ئر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلا??ڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي ا??ئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلا??ڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.