اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ?? سڌارن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار جم??وريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن ??ان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. ??ن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حملو ڪيو آهي، فوج سڌو چيو آهي ته اها سياست ??ان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار ڪنهن به جم??وريت ۾ نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن ??ان معافي گهري. عمران خان جو سياسي طريقيڪار تڪرارن سان ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جم??وري قدم نه کڻندي، فوج فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي سياست ??ان ڌار رکڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. ??ن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چيني شهرين تي تازو ٿيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ –; چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي. ??ن چيو ته آمريڪا ۽ چين سان سان لاڳاپن ۾ توازن رکڻ ڏکيو نه هوندو.