اسلام آباد ?? 26 ??? جولائي (اي ??ي پي) صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه جمعي ڏينهن جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل کي هڪ سال جي لاءِ س??ريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج مقرر ڪيو آهي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا ججز آهن. صدر ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 182 تحت ڏني آهي. اي ??ي پي/ع – ک/ش – چ 20:25