اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پ??ري?? 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊالر تي اچي ويو ??يڪ?? گذ??يل مالي سال جي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊالر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پ??ري?? 10 مهينن دوران پر??يهي ناڻي ۾ 3.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. گذ??يل مالي سال جي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پر??يهه مان اماڻيل ناڻو رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وارين پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پ??ري?? 10 مهينن دوران پر??يهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پ??ري?? 10 مهينن دوران پر??يهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا گذ??يل مالي سال جي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪارڊ ٿيو.