اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صن??تن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چي??ي ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اندرو??ي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران شينزن ۾ پاڪستا??ي ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي حوالي سان اڳڀرائي تي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم خ??وصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانون جي مسودي تي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ نظرثاني جي هدايت ڪندي چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فٽ ويئر ۽ ٻين صن??تن جي پاڪستان ۾ ر?? لوڪيشن جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اجلاس کي سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني صن??تن جي پاڪستان ۾ ر?? لوڪيشن جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد بزنس فيسلي ٽيشن مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، آسان ڪاروبار ايڪٽ جو مسودو جلد ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪليو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.