اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي و??قعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع واري و??ير خواجه محمد آصف سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته 9 مئي جي و??قعن جا ثبوت عدالتن جي سامهون ??وج??د آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح آهي ته ڪير مختلف عم??رتن ۾ داخل ٿيو ۽ ڪير ٻاهر بيهي هدايتون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪريون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي ??وج??د هيون پر انهن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه کي گذارش آهي ته 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اسان جيلن جون سختيون ڀ??ڳي??ن آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيلن جيڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فرش تي ويهڻ تي مجبور ڪيو وڃي، انهن کي ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته باني پي ٽي آءِ کي و??زش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.