اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سي??پڪ??ري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جرمن سي??پڪ??ري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير ايمبيسڊر الفريڊ گراناس ملاق??ت ڪئي. وزيراعظم پنه??جي ٻيهر چونڊجڻ تي جرمن چانسلر اولاف شولز جي مبارڪباد واري پيغام تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جرمني سان پنه??جي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سي??پڪ??ري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سي??پڪ??ري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم واپاري وفد پاڪستان موڪلڻ جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ جرمن سفير کي يقين ڏياريو ته وفد جي دوري جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن جرمن چانسلر کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. جرمن سفير چيو ته جرمني ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سي??پڪ??ري ۾ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.