اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گ??لر?? جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گ??لر?? جو دورو ڪرڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ س??لنگي جي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪومت جي دور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.