اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گوگل پاڪستان جي عام چونڊن جي مو??عي تي پنهنجي سرچ پيج تي خاص ڊوڊل لانچ ڪيو آهي. هن ڊوڊل ?? چونڊن جي اهميت کي نمايان ڪندي پاڪستان جو جهنڊو ۽ بيلٽ باڪس جي تصوير ووٽ وجهندي ڏيکاري آهي. اهو ڊوڊل رڳو پاڪستان جي جاگرافيائي حدن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان جو عنوان ”پاڪستان نيشنل اليڪشنز 2024ع“ آهي. ان ڊوڊل کي ڪلڪ ڪرڻ تي پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سموريون خبرون، اميجز ۽ ويڊيوز سامهون اچي وڃن ٿا.