اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته اسان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ رفح شهر تي انڌاڌنڌ حملن ۾ شدت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ بابت بيان جي توثيق ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته اسلامي تعاون تنظيم اسرائيلي جارحيت جي رفتار ۾ توسيع ۽ اضافي تي خطري جي گهنٽي وڄائيندي فلسطيني ??وا?? کي انهن کي پنهنجي سرزمين تي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ناقابل قبول ڪوششن جي خلاف خبردار ڪيو آهي. هن ??يو ته رفح ۾ 14 لک بي گهر ماڻهن جي خلاف اسرائيل جو بي رحماڻو حملو انصاف جي عالمي عدالت جي عبو??ي حڪم ۾ بيان ڪيل عارضي قدمن جي واضح خلاف ورزي آهي. ترجمان ??يو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪ??ي ٿو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ۽ جنگبندي لاڳو ڪ??ڻ ۽ فلسطيني ??وا?? جي قتل ??ام کي بند ڪرڻ جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. هن ??يو ته اسان ڪجهه ملڪن پاران گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي فنڊن کي معطل ڪرڻ جي فيصلي کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪ??يون ٿا. هن ??يو ته وڌيڪ فوتگيون ۽ ڏڪار کان متاثر ٿيڻ ۽ مناسب طبي امداد جي عدم دستيابي کي روڪڻ جي لاءِ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته پاڪستان غزه جي گهيري هيٺ ??وا?? جي پنهنجي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي، سياسي ۽ انساني حمايت ۾ پرعزم آهي.