اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي ??رپ??ش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قومي سطح تي ??تفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز ??رپ??ش آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي ??يررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملڪ کي ??رپ??ش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چونڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪا??تو?? آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.