اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر ??ي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جي سفارتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪ??و. هن چيو ته رياض کوکر ??ي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، رياض کوکر دنيا جي اهم ترين گادي وارن شهرن جن ۾ واشنگٽن، بيجنگ ۽ دهلي شامل آهن، ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به آخري ڏينهن تائين پاڪستاني رياست کي اهم ترين مشورن سان نوازيو ۽ علمي خدمتون جاري رکيون. هن چيو ته مرحوم جي ??لڪ ??ي لاءِ سفارتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ رياض کوکر مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.