اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جسٽس سردار طارق مسعود پ??ڪستان جي چيف جسٽس قاضي فا??ز عيسيٰ جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ دوران وقتي چيف جسٽس طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ چ??و ويو آهي ته اها مقرري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪ?? 180 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي وئي آهي.