ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت خورا?? جي تحفظ، زراعت، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهم?? جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوي?? جي فرسٽ ڊپٽي وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سان ملاق??ت ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 7 معاهدن ۽ 3 مفاهم?? جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪويت پاران پاڪستان جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، پن بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي سرگرمين ۾ تعاون جي لاءِ کاڻين جي کوٽا فنڊ قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ ??ائ??دار ترقي جي سعبن ۾ تعاون جي لاءِ 3 مفاهم?? جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت سان انهن معاهدن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جيڪي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان مل?? جي لاءِ سامهون اچي رهيون آهن. نگران وزيراعظم ڪوي?? جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.