اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي)تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير ??دد علي سنڌي سان سعودي عرب جي امام محمد بن سعود اسلامي يو??يورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري ملاقات ڪئي. وفاقي وزير امام محمد بن سعود اسلامي يو??يورسٽي جي تعريف ڪندي چيو ته هي تاريخي ۽ پُروقار ادارو آهي. وفاقي تعليم چيو ته هن تعليم واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين تعليم جي معيار، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ گهٽتائي ۽ سيرت النبيﷺ تي تحقيق کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته ڪي ايس اي کي قائداعظم يو??يورسٽي ۾ 15 ريسرچ فيلوشپس جي آڇ به ڪئي. ??دد علي سنڌي وفد جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر هٿل حمود علطيبي جو ڪم ۽ ڪوششون مثالي آهن. وفاقي وزير آءِ آءِ يو آءِ ۾ سسٽمز جي اپ گريڊ جي تعريف ڪئي. ??دد علي سنڌي چيو ته آءِ آءِ يو آءِ ۾ تعليم جو معيار ڊاڪٽر هٿل حمود علطيبي جي قيادت ۾ مسلسل وڌي رهيو آهي. هن سيرت النبيﷺ تي تحقيق جو دائرو وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڪي ايس اي ۽ پاڪستان جي يو??يورسٽين وچ ۾ شريعت، عدليه جي ڪردار، اسلامي قانون ۽ نبي ڪريمﷺ جي سياسي تعليم جي حوالي سان تحقيق جي دائري کي وڌائڻ ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ فوري ڪم ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته سيرت النبيﷺ جي سياسي رُخ کي مناسب اهميت نه ڏني وئي جيڪو هاڻ ڏني پئي وڃي. ??دد علي سنڌي ۽ رياض جي امام محمد بن سعود اسلامي يو??يورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري سيرت النبيﷺ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ يو??يورسٽيءَ جي سطح تي استادن جي مٽاسٽا شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. رياض جي امام محمد بن سعود اسلامي يو??يورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري چيو ته اسان پاڪستاني شاگردن کي 700 وظيفن جي آڇ ڪئي آهي ۽ ان تعداد کي پاڪستان جي تعليم واري وزارت جي خواهش مطابق وڌائڻ جو ارادو رکون ٿا. وفاقي وزير مدرسن جي مذهبي اڳواڻن کي تربيت ڏيڻ جي ضر??رت تي به روشي وڌي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مذهبي اڳواڻن کي روشناس ڪرائڻ جي ضرور?? آهي ۽ سعودي عرب پاڪستان ۾ مدرسن جي عالمن کي تربيت ڏئي ??دد ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير پاڪستاني عوام لاءِ عربي زبان جا ڪورسز بنائڻ جي ضر??رت تي روشني وڌي. رياض جي امام محمد بن سعود اسلامي يو??يورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري چيو ته ڪي ايس اي ۾ عربي زبان جا بهترين ادارا آهن جيڪي فاصلاتي تعليم يا استادن جي مٽاسٽا ذريعي پنهنجي پروگرامن کي پاڪستان جي يو??يورسٽين جي سطح تائين وڌائي سگهن ٿا.