لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن خانيوال ۾ گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي فليگ شپ پراجيڪٽ، پاڪستان جي پهرين مڪمل طور تي پاڻمرادو ۽ پوکيءَ جي جديد طريقن تي ٻڌل ”خانيوال ماڊل ايگريڪلچرل فارم“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر، آبادگار ۽ اعليٰ فوجي آف??سر شرڪت ڪندا. پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح ۾ زرعي شعبي جو حصو ر??و 23 سيڪڙو آهي، جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان گ??ٽ آهي. پاڪستان جي زرعي شعبي جي سگ??ه کي پوکيءَ جي جديد طريقن جي ذريعي استعمال ۾ آڻي سگ??جي ٿو. گرين پاڪستان انيشي ايٽو سڀني ڌرين جي وچ ۾ حصيداري جو هڪ منفرد پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل سان سيڙپڪاري جو مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.