اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي مختصر دوري تي روانو ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ۽ سندس ڀاءُ ??يخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪندو. مري?? اورنگزيب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ??يخ سعيد بن زايد النهيان کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ ??ي همت ڏي.