مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي ??عام??ن واري وزارت پ??ڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لا??ِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي ??عام??ن واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لا??ِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لا??ِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لا??ِ قائم ڪيا ويا آهن. انهن سهولتن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لا??ِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لا??ِ مذهبي ??عام??ن واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.