اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي باسعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلمان وچن ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جي زات جي ح??من جي بجاآوري جي لاءِ هو ه?? قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، ??ج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مسلمان امت کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي صدر حج جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي ح??ومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مر??ا محمد آفريدي پڻ حاجي سڳورن ۽ سموري م??لمان امت کي باسعادت موقعي تي م??ارڪباد ڏني آهي.