مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي پريس اي??نس?? (ايس پي اي) چئن عالمي خابرو اي??نس??ن سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ مصر جي خابرو اي??نس??ن سان شراڪتداري ذريعي ميڊيا تي پيغام پهچايا ويندا ۽ ميڊيا مواد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي خابرو اي??نس??ن سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز اي??نس?? (ايم اي اين اي) سان شراڪتداري جو مقصد انهن جي سرڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا نيٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي اشاعت جي دائري کي وڌائڻ آهي، اها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۽ مقدس هنڌن تي رهائش ۽ چر پر جي حوالي سان خدمتن جي بهتري لاءِ سعودي مملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به رو??ني وجهندي. ان شراڪت سان هر سال حج جي سڄي سيزن ۾ ايس پي اي طرفان فراهم ڪ??ل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، ايس پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس هنڌن ۾ پنهنجي ميڊيا مرڪزن ذريعي پنهنجي عالمي شراڪتدارن کي ميڊيا خدمتون فراهم ڪ??دي. سعودي پريس اي??نس?? پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪ??و آهي. اهي ڪوششون حج جي روحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي روايتن مطابق ميڊيا جي شاندار ڪم کي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابرو اي??نس??ن سان شراڪتداري سعودي قيادت طرفان حاجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز ??و استعمال ڪندي فراهم ڪ??ل آسان طريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪ??دي آهي. اها شراڪت عالمي خابرو اي??نس??ن کي ايس پي اي سان پنهنجي سهڪار ذريعي مواد ۽ پيغام جي حوالي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪ??دي. ايس پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ورڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو هجي. نئين ٻولين ۾ شراڪتداري ذريعي ميڊيا پيغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، بلوچي، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين ۾ اماڻيا ويندا. جنهن سان ايس پي اي طرفان فراهم ڪ??ل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته ايس پي اي ان کان عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا مواد پيش ڪري رهي آهي.