اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪ ??در رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي ??در ٻيڙي حادثي ۾ فو?? ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پيغام پهچايو. ??در رجب طيب اردوان واقعي ۾ فو?? ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي ترڪ ??در جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ?? پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ترڪ ??در ۽ ترڪ عوام جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.