اس??ام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿ??ون جنهن ۾ پاڪستاني انبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرا??ظم ترڪيھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر اردوان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ڏيڻ جي مهرباني جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيرا??ظم صدر اردوان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر اردوان لاءِ انبن جو تحفو کڻي آيو آهي، ??نهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيرا??ظم جي ڳالهه تي صدر اردوان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خوش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿيندا آهن، بيگم ??ردوان به وزيرا??ظم جو ٿورو مڃيو. صدر اردوان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيرا??ظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهرباني جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.