اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪالهه ??ميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظه??ر وزيراعظم بلوچستان جي گورنر عبدالو??ي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ص??بي جي انتظامي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي اڻ مڪمل آهي.