ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي پائيدار بنيادن تي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ فڪري وسيلن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جدت کي فروغ ڏيڻ جا بي پناهه امڪان موجود آهن. صدر نيشنل آئيڊيا بئنڪ تحت سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنا??اج?? ۾ ٿيندڙ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اختراع نظريات جو فروغ صحت ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان نئين اڀرندڙ ٽيڪنا??اج??ز کي وقت سر اختيار ڪرڻ ۽ ??ن سان موافقت سان گڏوگڏ صحيح ترجيحن جو تعين ۽ دانشمنداڻي سياسي فيصلاسازي قوم کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لا??ِ اهم آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين خيالن ۽ تصورن انساني ارتقا ۽ منزلون طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قدرتي وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ملڪ جي پائيدار ترقي جي لا??ِ فڪري وسيلن جي ترقي لا??مي آهي. هن چيو ته ترقي جا خواهشمند ملڪ سدائين صحت ۽ تعليم کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ رکن ٿا ڇو ته صحت جي سارسنڀال جو موثر نظام قوم جي جسماني ۽ ذهني تندرستي کي يقيني بڻائيندي آهي ۽ جامع ۽ جديد تعليمي نظام ان جي فڪري ارتقا جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. انفارميشن ٽيڪنا??اج?? سڄي دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبو آهي، جيڪو فنانس، مينوفيڪچرنگ، زراعت، تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي اهميت جي ٻين سڀني شعبن ۾ اڳڀرائي جو اهم جز بڻجي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي خيالن جي حوصلا افزائي ذريعي آءِ ٽي جي تيز ترين سفر ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنا??اج?? جي پليٽ فارم کي خواندگي جي تناسب کي وڌائڻ جي لا??ِ خاص طور تي اعليٰ تعليم ۽ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ لا??ِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن وقت سڄي دنيا ۾ 3.4 ملين آءِ ٽي ماهرن جون خدمتون گهربل آهن، جڏهن ته ايندڙ سال 200 بلين انٽرنيٽ آف ٿنگس (آءِ او ٽي) آءِ ٽي اسپيڪٽرم ۾ دستياب هجڻ جي اميد آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي سيڪٽر تي ڌيان ڏئي دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انفارميشن ٽيڪنا??اج?? ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئيڊياز بئنڪ جو بنيادي مقصد اختراعي آئيڊياز جمع ڪرڻ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 220 ملين آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهو هڪ اهڙو اثاثو آهي جنهن کي جديد ٽيڪنا??اج?? سان آراسته ڪري قومي ترقي جي عمل کي تيز ڪري سگهجي ٿو. آءِ ٽي واري وزارت ڪراچي آءِ ٽي پارڪ پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام لا??ِ هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان آءِ ٽي جو روانگي واپار 3 بلين ڊال?? کان وڌي چڪو آهي ۽ حڪومت ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنا??اج?? جي چانسلر جاويد انور چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگردن کي نئين آئيڊياز ۽ تصورن کي پروان چاڙهيندي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ نيشنل آئيڊيا بئنڪ ??ن سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ايسپائر جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حسن سيد پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته هن سال اين آءِ بي جي لا??ِ 3700 کان وڌيڪ آئيڊياز پيش ڪيا ويا ۽ ان ۾ 30 آئيڊياز کي جيوري مختلف شعبن سان انعامن جي لا??ِ چونڊيو جنهن ۾ زراعت، آٽو موٽيو ۽ ٽرانسپورٽ ۽ تعليم ۽ تدريس، صحت، انفارميشن ٽيڪنا??اج??، مينوفيڪچرنگ، قدرتي وسيلن ۽ خدمتن جا شعبا شامل آهن. گذريل سال 2100 آئيڊياز پ??ش ڪيا ويا هئا ۽ انهن مان 18 کي فاتح طور چونڊيو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2022ع جي ونر آئيڊياز تي ٻڌل 15 اسٽارٽ اپ ڪم شروع ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جو مقابلو کٽيندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا.