اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مي??ي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪم?? حمايت جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مي??ي ايشن جي پريپريٽري آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير سمورين ڌرين کي آفيس کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مي??ي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪم?? حمايت کي ورجايو. هن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي عالمي ب??ادري جو گڏيل مقصد آهي، ان جي ب??وجود حل نه ٿيندڙ ڪشمير مس??لي جهڙا عالمي تڪرار ترقي جي عمل کي متاثر ڪن ٿا ۽ غربت جو سبب بڻجندا رهن ٿا. هن چيو ته سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪ ۽ پائيدار ترقي جي حصيدار طور چين جو عوام جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مي??ي ايشن عالمي تڪرارن جي فوري ۽ گهٽ لاڳت حل جي راهه هموار ڪندي.