اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ماحو??يا??ي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جنيوا ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد ماحو??يا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ??هي، ماحو??يا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حڪمت عملي سميت فوري طور تي فنڊز سميت وسيلن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ??هي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان هيومنٽيرين فورم (پي ايڇ ايف) جي پينل تي عالمي غيرسرڪاري تنظيمن (آءِ اين جي اوز) جي ڪنٽري ڊائريڪٽرز جي وفد ??ان ملاقات ۾ ڪيو جنهن ۾ ايندڙ 9 جنوري تي جنيوا ۾ عالمي ڪانفرنس جي لاءِ مشاورت ڪئي وئي. حڪومت ٽي ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو اهو تمام وڏو انگ آهي. ٻوڏ جي ڪري انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ ا??ان جي سورنهن ارب آمريڪي ڊالر جي فراهمي لازمي آهي ڇو ته نئين سر تعمير جو عمل مڪمل ٿيڻ هڪ ٻي موسم ا??ان کي متاثر ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪانفرنس ۾ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، جنهن ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن ۽ انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي گڏيل صدارت وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪندا. ا??ان پنهنجي عالمي حصيدارن جي حمايت ۽ تعاون جا ٿورائتا آهيون ۽ ا??ان پاڪستان ۾ رونما ٿيندڙ ماحو??يا??ي ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس طريقن ۽ ذريعن جي ڳولا جا منتظر آهيون جنهن ۾ صوبائي موقف جو اظهار پڻ شامل آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ آءِ اين جي اوز پاران ڪئي ويندڙ انساني امدادي ڪوششن کي ساراهيو، خاص طور تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ جنهن 33 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو. پي ايڇ ايف جي ميمبر آءِ اين جي اوز ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 150 ملين آمريڪي ڊالر جمع ڪيا آهن. ماحو??يا??ي تبديلي واري وزارت ۽ آءِ اين جي اوز کي هيٺئين سطح تي ماحو??يا??ي تبديلين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ اين جي اوز کي مستقبل جي لاءِ پنهنجي تزويراتي موقف ۾ ماحو??يا??ي تبديلين جي اثرن کي به شامل ڪرڻ ??ي ضرورت آهي جڏهن ته ان حوالي ??ان حصيدارن جون تجويزون به معنيٰ خيز ثابت ٿينديون. وفد ۾ پاڪستان هيومنٽيرين فورم، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي، آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ، مرسي ڪور، مسلم ايڊ، مسلم هينڊز، ويلٿنگر هيلپ ۽ آڪسفيم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.