اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آه?? ته اسان خصوصي ماڻهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪر?? گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چ??مبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي ماڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهجي جتي خصوصي ماڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چ??و ته خصوصي ماڻهو معاشري جو هڪ اهم طبقو آه?? ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آه?? جن ۾ خصوصي ماڻهن پنهنجي معذوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي سي سي آئي جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصيتن، مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران معذور ماڻهن جي ماليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪاوٽن کي ختم ڪر?? بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.