اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ گر??شي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌا??ن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ ??ئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي ??چت پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ ??ئس جي شعبن ۾ موجود گر??شي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ موجود گر??شي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بهتر پاليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گر??شي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌا??ن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گر??شي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي ??ئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ريڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ ??ئس جي صارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ ??ئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻ??يو وڃي ته جيئن بجلي ۽ ??ئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي ??چت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهر??يو ويو آهي.