اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آ??ريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ ب??بت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن ب??بت آگاهه ڪيو. هن مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن ا??ٽي?? هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ ب??بت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت کي پ?? اجاگر ڪيو. آمريڪي سفير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوشش?? تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاو?? تي زور ڏنو.