اسلام ??باد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن جي عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل ??هي، دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن د??را?? ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چي?? ته اڄ پاڪستاني عوام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي علائقو بڻجي چڪو آهي. هن چي?? ته ڪشميري عوام ??ي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.