مدينه منوره – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي ڪامياب دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي ۽ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪ??نفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. وزيراعظم مڪه المڪرمه ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ مدينه منوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪئي. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي جي خاص زيارت ڪرائي وئي.