سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪم??نر مريم خان ڪندي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪم??نر ڪ??پٽن (ر) نديم ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي ڪم??نر ۽ ڊپٽي ڪم??نر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو م??جد?? ۾ ڪشميري شهيدن جي لاءِ ??اتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائن سان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪ??ون وينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ??مفليٽ پڻ ورهايا ويندا.