اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??وڏ متاثرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي 24 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ فلڊ ريليف وليج جا 100 گهر تيار ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منزيز گلوبل ايوي ايشن جي سي اي او فلپ جوئيننگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن رڪارڊ مدي ۾ 100 گهرن جي تعمير تي فلپ جوئيننگ جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته وزيراعظم 2 سيپٽمبر تي ٽان?? جي دوري دوران 100 گهرن جي تعمير جو واعدو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 3 سيپٽمبر تي جڳهه جي چونڊ ڪئي وئي ۽ 7 سيپٽمبر تي ٻنهي جاين جي سروي مڪمل ڪري 11 سيپٽمبر تي تعمير شروع ڪئي وئي. ٽانڪ ۾ ??وڏ متاثرين جي لاءِ انهن گهرن کي رڪارڊ مدي 24 ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو. گهرن جي تعمير کانسواءِ وليج ۾ سولر سسٽم جي سهولت سان ليس اسڪول، ڪلينڪ ۽ ٽيوب ويل پڻ قائم ڪيا ويا آهن. اهي ??هر سخت موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انهن جي تعمير ۾ جديد تعميراتي مٽيريل ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي، وليج ۾ قائم ڪيل اسڪول ڪمپيوٽرز سميت جديد سهولتن سان ليس آهي جڏهن ته ان ۾ قائم ڪلين?? جي ذريعي مقامي آبادي ک?? صحت ۽ علاج جون سهولتون دستياب هونديون. گهرن جو نقشو مل?? جي ناليواري آرڪيٽيڪٽ علي نقوي تيار ڪيو. ان بستيءَ جي ڀرپاسي 9000 مقامي وڻن جي وڻ??ار?? پڻ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم گهرن جي تعمير تي ڪمپني جي سي اي او کي شاباس ڏيندي ان جي جذبي ک?? ساراهيو ۽ چيو ته 100 گهرن جي تعمير ??وڏ متاثرين جي آباد??ار?? ۾ اهم قدم ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ان گروپ 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ??وڏ ۾ مٺن ڪوٽ، راجن پور ۾ 270 گهر تعمير ڪيا هئا جڏهن ته اهو گروپ پاڪستان ۾ هوابازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپ??ار?? ڪرڻ ۽ اسڪئينگ ريزارٽ ٺاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.