اسلام آ??اد??? 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس مان ثابت ??ئي ٿو ته ڪهڙي طرح احتساب جي نظام کي ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي انتقام تي ٻڌل احتساب جي عمل سان ملڪ ۾ جمهوريت جي ارتقا ۾ خلل وڌو ويو. هن چيو ته اهو انتقامي عمل سياسي عدم استحڪام جو سبب بڻيو جنهن سياست کي شديد نقصان پهچايو آهي.