اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳ??پن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي اثرن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ ج?? تباهين س??ن گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي حفاظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳ??پن واري ڪميٽي جي چيئرمين تي زور ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحرڪ ڪري، جيڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام س??ن گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏيهي لاڳ??پن واري ڪميٽي جي چيئرمين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳ??پن جي قيام جي 75 هين سالگرهه هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن گڏجي ڪم ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمريڪا لاڳ??پن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ ??هن??ڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019?? جي غيرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.