اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ آمريڪي اداري يو ايس اي?? جي مدد سان پاڪستان ۾ ٻو?? سبب شديد متاثر ٿيل ماڻهن ۽ آبادين لاءِ هنگامي انساني امداد جي فضائي ترسيل جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان امداد ۾ زندگي گذارڻ لاءِ ضروري وسيلن سميت خوراڪ جي تياري ۽ مٿو لڪائڻ لاءِ 20 لک ڊالر ماليت جو سامان شامل آهي ۽ ان جي ترسيل جو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ جي 20 مختلف علائقن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، واضح رهي ته 2 سيپٽمبر تي يو ايس اي?? هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽرمينيجمينٽ ريسپانس ٽيم (ڊي اي آر ٽي) جوڙي هئي جنهن جو مقصد آمريڪي حڪومت طرفان ٻو?? کي منهن ڏيڻ لاءِ فراهم ڪيل مدد جي رهمنائي هو، جنهن لاءِ آمريڪي فوج به تعاون ڪري رهي آهي، ياد رهي ته هنگامي انساني امداد جي فضائي ترسيلات سميت آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻو?? متاثرن لاءِ فراهم ڪيل مجموعي امداد ٽي ڪروڙ 10 لک ڊالر آهي، آمريڪا کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻو?? جي ڪري ٿيندڙ نقصانن تي ڏک آهي، اسان جي امدادي عطين ۾ هنگامي بنيادن تي گهربل خوراڪ، کاڌي جون شيون، مختلف مقصدن لاءِ گهربل روڪ رقم، پيئڻ جو صاف پاڻي، بهتر صفائي ۽ سٿرائي جي سامان ۽ مٿو لڪائڻ جي شين کي ترجيح ڏني پئي وڃي، اها امداد انساني زندگيون بچائڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور متاثر آبادين جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي، آمريڪا مقامي حصيدارن ۽ پاڪستاني عملدارن سان گ??جي بحران جي نگراني جاري رکندو، پاڪستان جي عوام لاءِ آمريڪي حمايت اڻٽر آهي، ٻو?? متاثرن لاءِ هنگامي امداد ۽ رسد پاڪستان لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري امريڪي امداد جو تسلسل آهي جنهن ۾ قدرتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي تياري ۾ مدد لاءِ ترتيب ڏنل پروگرام به شامل آهن، جنهن ۾ مقامي آبادين ۽ سرڪاري اهلڪارن کي امڪاني آفتن بابت شروعاتي آگاهي ۽ منهن لاءِ صلاحيتن ۾ اضافي سان گ??وگڏ خوراڪ، معاشي تحفظ جي بهتري لاءِ روزگار جي وسيلن جي بحالي شامل آهي، هلندڙ سال ٻو?? کان اڳ فراهم ڪ??ل 30 لک ڊالرن جي مدد به انهي سلسلي جو حصو آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ آيل ٻو?? کانپوءِ آمريڪا جي مدد سان نوان تعمير ٿيندڙ اسڪول تازو تباهي سبب متاثر برادرين لاءِ پناهگاهن طور مددگار بڻجي رهيا آهن.