اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب متاثر ??اڪ??تان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڄ جمعي کان ??اڪ??تان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل 9 کان 10 سيپٽمبر تائين ??اڪ??تان جو دورو ڪندو جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي ۽ قدرتي آفت جو مقابلو ڪندڙ ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دوري دوران ??اڪ??تاني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ هو موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي جي قومي ۽ عالمي ??د عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو به ڪندو جتي هو بي گهر خاندانن ۽ متاثر علائقن ۾ شروعاتي بچاءُ ۽ امدادي ڪارروايون ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ترجمان موجب گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل لکين متاثر ماڻهن لاءِ حڪومت جي بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن جي حمايت ۾ گڏيل قومن جي انساني امدادي ??م جي نگراني ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو ان قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي باري ۾ عالمي ??يداري کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو اهو دورو 33 ملين متاثر ??اڪ??تانين جي انساني ۽ ٻين ضرورتن لاءِ هم آهنگ ۽ جامع عالمي ??د عمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??اڪ??تان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ لاءِ 160 ملين آمريڪي ڊالرن جي گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي 30 آگسٽ تي اسلام آباد ۽ جنيوا ۾ هڪ ئي وقت منعقد ٿيندڙ لانچنگ تقريب ۾ هڪ طاقتور وڊيو پيغام ۾ فعال طور تي حمايت ڪئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مسلسل اهڙي طرح جي آفتن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان جوڙڻ تي زور ڏيندو رهيو آهي ۽ هو عالمي ??رادري کي خبردار ڪندو رهيو آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي وقت سر ۽ موثر طريقي سان حل نه ڪيو ويو ته ان سان اسان جا سيارا سنگين خطرن جي ور چڙهيل هوندا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ??اڪ??تان جو دورو ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ??اڪ??تان جي پائيدار عالمي ??مايت جي اهميت کي به اجاگر ڪندو.